سعودي وفد جي دوري سان پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سرمائيڪاري ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي وفد جي دوري سان پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سرمائيڪاري ٿيندي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم ڪابينه جي ميمبرن کي عيدالفطر جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن جي حوالي سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي.

هن چيو ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون ته منهنجي تازي دوري کان پوءِ ان جي خصوصي دلچسپي جي تحت سعودي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو.

وزيراعظم وفاقي ڪابينه ۽ لاڳاپيل اختيارين جي سعودي وفد جي ڪامياب دوري لاءِ ڪاوشن جي تعريف ڪندي چيو ته سعودي وفد پاڪستاني وزيرن ۽ اختيارين جي تيارين سان متاثر ٿيو، جنهن کان پوءِ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان السعود مليل جليل رد عمل جو اظهار ڪيو. سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سرمائيڪاري ٿيندي.

هن چيو ته اسان کي اهڙي طرح سان محنت ۽ لڳن سان انهي سرمائيڪاري جي پاڪستان ۾ آمد ۽ منصوبن جي تڪميل کي يقيني بنائڻو آهي ان حوالي سان نه ته پراڻي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏيندس. پنهنجي عوام سان ڪيل واعدي موجب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان ساڳئي طرح محنت ڪندا رهياسين ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جي حدفن کي جلد حاصل ڪري وٺنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔