پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ ٿيندو، اپوزيشن طرفان احتجاج جو فيصلو

اسلام آباد:  پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اجلاس  جي صدارت ڪندو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري اجلاس کي خطاب ڪندو.

اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چيف جسٽس، گورنر، وڏن وزيرن ۽ سفيرن کي دعوت ناما اماڻيا ويا آهن. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سميت ٽنهي سروسز چيف کي گهرايو ويو آهي.

ٻئي پاسي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، گورنر ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. اپوزيشن پارٽين طرفان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ، سني اتحاد ڪونسل، ايم ڊبليو ايم ۽ ٻيون سياسي پارٽيون احتجاج ۾ شريڪ ٿينديون.

ذريعن موجب مبينه چونڊ ڌانڌلي، مهانگائي خلاف ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت لاءِ اپوزيشن ميمبرن کي اجلاس ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔