دبئي ۾ طوفاني برساتن 75 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

دبئي: دبئي شارجه، ابو ظهبي سميت متحده عرب امارات جي رياستن ۾ طوفاني برساتن سبب 75 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته اهم روڊ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن.

دبئي ۾ سومر کان اڱاري جي رات تائين پيل برسات 75 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب فليگ شپ شاپنگ سينٽر، دبئي مال ۽ مال آف ايمريٽس کي برساتن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. دبئي جي هڪ ميٽرو اسٽيشن تي به پاڻي گوڏن تائين جمع ٿي ويو.

برسات سبب متحده عرب امارات ۾ اسڪول بند ڪيا ويا آهن. اڄ به وڌيڪ طوفاني برسات ۽ ڳڙي پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. مسافرن جي اچ وڃ جي حوالي سان دنيا جي مصروف ترين عالمي مرڪز دبئي ايئرپورٽ ۾ گذريل ڏينهن 25 منٽن تائين آپريشن معطل رهيو ۽ 50 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ڪيون ويون.

دبئي ايئرپورٽس جي ترجمان چيو آهي ته تيز طوفان سبب آپريشن کي ٻنپهرن جو 25 منٽن جي لاءِ عارضي طور تي معطل ڪيو ويو هو پر هاڻ آپريشن کي بحال ڪيو ويو آهي. رڪارڊ برسات پوڻ سبب دبئي جا ڪيترائي اهم روڊ ٻڏي ويا، ان کان علاوه دنيا جي بلند ترين عمارت برج خليفه جي سامهون به پاڻي جمع ٿي ويو. ٻئي طرف مارڪيٽون، شاپنگ مال ۽ ميٽرو اسٽيشن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو، شارجه جا روڊ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا. عجمان ۽ العين ۾ به طوفاني برساتن زندگي جو نظام معطل ڪري ڇڏيو.

متحده عرب امارات جون سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي ڊبليو اي ايم جي رپورٽ موجب فلائي دبئي اڱاري تي چيو هو ته انهن خراب موسم جي ڪري اربع جي صبح تائين دبئي کان روانو ٿيڻ واريون پنهنجون سموريون اڏامون عارضي طور تي منتقل ڪري ڇڏيون آهن.

متحده عرب امارات جي موسميات کاتي برساتن جو سلسلو اڄ شام تائين جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي ريڊ الرٽ جاري ڪندي عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. امارات ۾ اڄ به تعليمي ادارن ۾ آن لائين ڪلاس ۽ آفيسن کي  گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اماراتي شهرن وچ ۾ هلندڙ بس سروس به معطل ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔