نيوزي لينڊ خلاف سيريز،قومي ٽيم جي ٽريننگ بارش سبب ملتوي

لاھور : نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي تيارين لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو پهريون ٽريننگ سيشن راولپنڊي ۾ برسات سبب منسوخ ڪيو ويو.قومي ٽي 20 اسڪواڊ جو پريڪٽس سيشن سومر تي شام 7 وڳي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيڻو هو پر جڙيل شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات سبب منسوخ ڪيو ويو. ٻئي طرف نيوزيلينڊ جي رانديگرن سومر تي آرام ڪيو جڏهن ته بليڪ ڪيپس ٽيم انتظاميا پنجن ميچن جي سيريز لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ هوٽل ۾ اجلاس منعقد ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔