خيبرپختونخواهه ۾ 4 ڏينهن کان جاري برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 21 ڄڻا فوت، 32 زخمي

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ 4 ڏينهن کان جاري برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت جڏهن ته 32 زخمي ٿي پيا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ برساتن دوران ٿيندڙ نقصان بابت پي ڊي ايم اي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

جاري ڪيل رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ 4 ڏينهن کان جاري برساتن سبب 21 ڄڻا فوت ۽ 32 زخمي ٿي پيا جڏهن ته فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 9 ٻار ۽ 3 عورتون به شامل آهن.

ان کان علاوه مختلف ضلعن ۾ ڀتون ۽ ڇتون ڪرڻ جا 330 واقعا سامهون آيا آهن. 53  گهرن کي مڪمل ۽ 277 گهرن کي جزوي طور تي نقصان پهتو آهي.

پي ڊي ايم اي موجب وڏي وزير جي هدايتن تي برسات متاثرين کي امدادي چيڪ ڏنا پيا وڃن ۽ ان سان گڏ امدادي سامان به ورهايو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي موجب امدادي سامان ۾ 200 خيما، 100 ڪچن سيٽ، 200 ڪمبل شامل آهن جڏهن ته متاثرين کي 200 مڇر دانيون ۽ 200 ميٽريس پڻ ڏنا ويا آهن. متاثرين کي روزاني  استعمال  ۾ ايندڙ عام واهپي جون شيون به ڏنيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔