انساني احساس نقل ڪري ان جيان پيش ڪندڙ روبوٽ تيار

ڪراچي: سائنسدانن هڪ منفرد روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو انسان جي چهري جي اشارن جي نقل ڪري سگهي ٿو. ايمو نالي هي روبوٽ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي جي ماهرن تيار ڪيو آهي. روبوٽ جي اکين ۾ 2 ڪيمرا لڳايا ويا آهن، جن جي ذريعي اهو پنهنجي سامهون منهن جا تاثرات ڏسي ٿو. اهو وري هڪ الگورٿم استعمال ڪري سامهون واري شخص جي چهري جا تاثر نوٽ ڪري هو بهو نقل ڪري ٿو. تحقيقي مقالي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسان جي چهري ۾ معمولي تبديلين کي ڏسڻ سان روبوٽ انسان جي مسڪراهٽ کان 839 ملي سيڪنڊن ۾ پاڻ کي مسڪرائڻ شروع ڪري ٿو. وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته روبوٽ جي منهن جا تاثرات تمام جلدي تبديل ٿي رهيا آهن. ان ۾ موجود 26 سينسرز به ان کي انسانن جي اشارن کي سڃاڻڻ ۽ منهن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ڏين ٿا. سائنسدانن موجب انساني اظهار جي اڳڪٿي ڪرڻ جي صلاحيت روبوٽس ۽ انسانن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڏي اڳڀرائي آهي، ڇاڪاڻ ته روبوٽس عام طور تي انسانن کي سمجهڻ لاءِ نه ٺاهيا ويندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔