ڪراچي گدلاڻ وارن شهرن ۾ ڇهين نمبر تي اچي ويو، هوا جو معيار نقصانڪار قرار

ڪراچي: دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ ڪراچي اڄ ڇهين نمبر تي آهي، جتي هوا جي معيار جو انڊيڪس 155 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.سڄي دنيا ۾ هوا جي معيار کي مانيٽر ڪندڙ هڪ ويب سائيٽ موجب ڪراچي غير صحت مند هوا جي معيار جي لحاظ کان دنيا ۾ ڇهين نمبر تي آهي، جتي هوا جي معيار صحت لاءِ نقصانڪار آهي.هوا جي معيار جي انڊيڪس موجب لاهور سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن ۾ ستين نمبر تي آهي، جتي هوا جي معيار جو انڊيڪس 154 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن ۾ دهلي 180 جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس سان پهرين نمبر تي آهي.ياد رهي ته 151 کان 200 انڊيڪس خطرناڪ، 201 کان 300 انڊيڪس انتهائي خطرناڪ، 301 کان آپرينڊڪس خطرناڪ آلودگي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔