ڊالر 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو، ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي: اڄ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽربينڪ سطح تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 10 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا سستو ٿي 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 95 پيسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 208 پوائنٽن جي واڌ سان 67 هزار 213 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 67 هزار 5 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔