عيدالفطر کان اڳ عوام کي وڏو ڌڪ، پيٽروليم شين ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد: حڪومت عيد کان اڳ عوام لاءِ هڪ ٻيو ڏکيو فيصلو ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 66 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.حڪومت طرفان ايندڙ هفتي لاءِ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا 32 پئسا في ليٽر سستو ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته حڪومت 15 ڏينهن اڳ پيٽرول جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.گذريل ڏينهن اختيارين اندازو لڳايو هو ته پيٽرول جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين 10 کان 11 رپيا في ليٽر واڌ ٿيندي، جنهن جو وڏو سبب درآمدي پريميم ۽ عالمي قيمتن ۾ واڌ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔