ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 76 رپيا 9 پئسا سستو

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) مائع پيٽروليم گيس (ايل پي جي) جا گهريلو سلنڈر سستا ڪري ڇڏيا آهن.اوگرا پاران گهريلو ايل پي جي سلينڊر سستو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلو گهريلو سلينڊر 76 رپيا 9 پئسا سستو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اپريل لاءِ 11.8 ڪلوگرام ايل پي جي گهريلو سلنڈر جي قيمت 2 هزار 954 رپيا 3 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته مارچ ۾ گهريلو ايل پي جي سلينڊر 3030 رپيا 12 پئسا هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔