اڄ سڄي ملڪ ۾ 21 رمضان يوم شهادت حضرت علي رضه عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي:  سڄي ملڪ ۾ 21 رمضان يوم شهادت حضرت علي رضه عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، يوم علي جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ مجلسون برپا ڪيون پيون وُڃن ۽ جلوس به ڪڍيا پيا وڃن .

اسلام آباد ۾ گذريل رات يوم شهادت حضرت علي رضو جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه زينبيه کان برآمد ٿي پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو امام بارگاه اثنا عشري پهچي پڄاڻيءَ تي پهتو .

ڪراچي ۾ يوم علي رضه جو جلوس ٻن پهرن جو هڪ وڳي برآمد ٿيندو ، جلوس واري رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي ، جلوس ايم اي جناح روڊ، ريگل چوڪ، پريڊي اسٽريٽ کان ٿيندو شام ستين وڳي حسينيا ايرانيان  کارادر تي ختم ٿيندو .جلوس جي وقتن ۾ ٽريفڪ کي گرومندر چوڪ کان اڳتي جلوس جي روٽ تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔