راڻا ثناءُ الله کي پنجاب ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو

لاهور: اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي پنجاب ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ن ليگ سينيٽ چونڊن کانپوءِ پنجاب ڪابينه ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پارٽي قيادت مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته منشاالله ۽ ايوب خان سميت ٻيا به ڪابينه جو حصو هوندا، جڏهن ته سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي به پنجاب ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔