سنڌ ۾ پاڻي کوٽ کانپوءِ ڏڪار واري صورتحال، بيمارين جو خدشو

ڪوٽڙي: سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ناهي ملي رهيو ۽ سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ناهي ڇڏيو ويو، ان جي ڪري درياهه جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي.

زهريلو واپرائڻ جي صورت ۾ وڏي انساني الميي جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽي ۽ سجاول سميت لاڙ جي ٻين شهرن ۾ آبادي خطري ۾ آهي.

لاڙ جي زمين تي جر به خراب آهي جنهن کي پيئڻ جي لائق ناهي سمجهيو ويندو.

هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامي رهي آهي.

گڊو بئراج تي پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 32 هزار 126 ۽ هيٺانهون وهڪرو 27 هزار 964 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 26 هزار 980 جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 200 ڪيوسڪ آهي.

ڪوٽڙي بئراج تي هيٺانهون وهڪرو ٺپ بند آهي جڏهن ته مٿانهون وهڪرو 3 هزار 605 ڪيوسڪ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔