پي ٽي آءِ پاران انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ چيلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي ڪابينه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط جي جاچ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني تي ٻڌل هڪ رڪني انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي،ان کان علاوه وفاقي ڪابينه انڪوائري ڪميشن جي ٽي آر اوز جي به منظوري ڏني. ٽي او آرز موجب انڪوائري ڪميشن ججز جي خط ۾ لڳايل الزامن جي مڪمل جاچ ڪندي. ڪميشن اهو طئي ڪندو ته اهي الزام صحيح آهن يا نه؟ ڇا ڪوبه اهلڪار سڌو سنئون مداخلت ۾ ته ملوث نه هو ٽي آر اوز موجب ڪميشن جاچ ڪري حقيقتن جي بنياد تي ڪنهن ايجنسي، کاتي يا حڪومتي اداري جي خلاف ڪارروائي تجويز ڪندو ۽ ڪميشن کي انڪوائري دوران ڪنهن ٻئي معاملي جي به جاچ ڪرڻ جو اختيار هوندو،جڏهن ته پاڪستان تحريڪ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته حڪومت هڪ رڪني انڪوائري ڪميشن جي سربراهه جي طور تي جسٽس(ر) تصدق جيلاني جي نالي جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته مشاورت کان پوءِ انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ کي چيلينج ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔