سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو ڪميشن جو فيصلو چيلينج

پشاور: خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي ميمبرن کان حلف نه وٺڻ تي سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي معاملي تي اعظم سواتي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي وڪيل ايڊووڪيٽ علي عظيم آفريدي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ غيرقانوني آهي. اليڪشن ڪميشن سينيٽ اميدوارن کي ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جن کي ٻڌو اهي هاڻ چونڊيل آهن، انهن کان اڃان تائين حلف به ناهي ورتو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواستگذار اعظم سواتي سينيٽ اميدوار آهي ان کي ٻڌو نه ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان سينيٽ جو چونڊ عمل متاثر ٿيندو ۽ سينيٽ چونڊن کي وقت تي يقيني بنائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔