عيدالفطر جي موقعي تي 6 موڪلون ملڻ جا امڪان

اسلام آباد: پاڪستان ۾ هن سال عيدالفطر تي 6 موڪلون ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.موسميات کاتي رمضان المبارڪ 29 ڏينهن ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري رهي آهي جيڪڏهن اها اڳڪٿي سچ ثابت ٿي ته پوءِ عيدالفطر 10 اپريل اربع جي ڏينهن ٿيندي، پر چنڊ جي رويت جو حتمي اعلان رويت هلال ڪميٽي ڪندي.پاڪستان ۾ عيد کان هڪ ڏينهن اڳ موڪلن جي شروعات ٿيندي آهي، اهڙي طرح 9 اپريل اڱاري جي ڏينهن تي پهرين موڪل ملڻ جو امڪان آهي. امڪاني طور تي 9 اپريل کان 12 اپريل تائين چئن ڏينهن جون موڪلون ملي سگهن ٿيون.اهڙي طرح اڱاري کان جمعي تائين عيدالفطر جون موڪلون هونديون ان کان پوءِ ڇنڇر ۽ آچر جي سرڪاري موڪل به ٿيندي. جنهن سان موڪلن جو انگ 6 ٿي ويندو. موڪلن جي باري ۾ حتمي اعلان حڪومت طرفان ڪيو ويندو. ياد رهي ته پري وارن علائقن جا اڪثر سرڪاري ملازم 6 اپريل ڇنڇر کان ئي موڪلن تي هليا ويندا. اهڙي طرح گهڻا ملازم 9 موڪلن مان مزو ماڻيندا ڇو ته 6 اپريل ۽ 7 اپريل ڇنڇر آچر جي ڏينهن سرڪاري موڪل هوندي آهي صرف هڪ يا ٻن ڏينهن جي موڪل وٺڻ سان ملازم 9 ڏينهن جي موڪلن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔