پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحان جا نتيجا پڌرا

حيدرآباد : سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحان 2020ع جي لکت واري امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. 182 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته انهن اميدوارن جا 17 اپريل کان زباني امتحان شروع ڪيا ويندا. اهي امتحان عدالتي حڪم تحت ڪيا ويا. امتحان جو اشتهار 30 جولاءِ 2019ع تي جاري ٿيو جنهن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ اميدوارن فارم ڀريا. اسڪريننگ ٽيسٽ کانپوءِ 1380 اميدوارن تحريري امتحان ڏنو. ڪاپين جي چڪاس جي مرحلي ۾ ڪوتاهيون ظاهر ٿيڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ 5 مارچ 2023ع تي هڪ فيصلي تحت امتحان جا نتيجا ظاهر ٿيڻ کان اڳ ئي معطل ڪري ڇڏيا هئا جڏهن ته ڪوتاهي ۾ ملوث اسٽاف ميمبرن خلاف ڪاررواين جو حڪم پڻ ڏنو ويو هو. عدالتي حڪمن تحت 2023ع ۾ ٻيهر امتحان منعقد ڪيو ويو. پڌرائي مطابق امتحان لاءِ سوال تعليم سميت هر شعبي جي ماهرن کان تيار ڪرايا ويا. جاري ڪيل نتيجن ۾ ميل ۽ فيميل سميت ڪوٽا سسٽم کي نظر ۾ رکندي 182 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو جن مان 30 اميدوارن جو تعلق شهري ڪوٽا جڏهن ته 152 اميدوارن جو تعلق ٻهراڙي واري ڪوٽا سان آهي. ڪامياب اميدوارن جو زباني امتحان 17 اپريل 2024ع کان شروع ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔