وزيراعظم شهباز شريف اڄ چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪندو

وزيراعظم شهباز شريف اڄ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪندو

ذريعن موجب قانون واري وزير نذير تارڙ به وزيراعظم سان گڏ هوندو ۽ اها ملاقات اڄ 2 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو

اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي غور ڪيو ويو ۽ ججن جي خط جي آئيني ۽ قانوني حيثيت جو جائزو ورتو ويو، جڏهن اجلاس اٽڪل اڍائي ڪلاڪ جاري رهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔