آءِ ايم ايف بجلي ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ حڪومت کي نيون تجويزون ڏئي ڇڏيون

اسلام آباد: آءِ ايم ايف بجلي ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ حڪومت کي نيون تجويزون ڏئي ڇڏيون.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف صنعتي ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ ڪيپسٽي چارجز گهٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ تجويز ڏني آهي ته ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ نون پاور پلانٽن کي هلايو وڃي ۽ انهن پلانٽن مان مڪمل پيداواري صلاحيت حاصل ڪئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف موجب ائين ڪرڻ سان بجلي ٽيرف ۾ 18 رپيا ڪيپسٽي چارجز ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، جڏهن ته نون پاور پلانٽن سان سڄي بجلي نه خريدڻ تي واهپيدارن تي ساليانو ٻه هزار ارب رپين جو بار ايندو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته مقامي گئس سان سرڪاري شعبي جي 5 هزار ميگا واٽ واري گئس پاور پلانٽن کي هلايو وڃي، جنهن سان ايل اين جي جي ڀيٽ ۾ 10 کان 14 رپيا في يونٽ سستي بجلي پيدا ٿيندي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته سمورن صنعتي زونز کي بنا وقفي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم به پاور ڊويزن کي واڌو بجلي صنعتن کي فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔