جي يو آءِ پاران ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام ف ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جي يو آءِ ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿي، اسان جو ڪو به اميدوار ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺندو.سندس چوڻ آهي ته جي يو آءِ ف 8 فيبروري جي چونڊن جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن.جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته اسان کي عوام ڏانهن وڃڻو آهي، کين اعتماد ۾ وٺڻو آهي، اسان جو موقف واضح آهي، ان لاءِ اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو 25 اپريل تي بلوچستان مان تحريڪ جي شروعات ڪندو ۽ ڪراچي، پشاور ۽ لاهور ۾ به جلسا ڪندو. هن ٻڌايو آهي ته ٻين سياسي پارٽين سان به رابطو ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن لاچار آهي، نتيجا مرتب ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اڄ هاءِ ڪورٽ جا جج چئي رهيا آهن ته سندن معاملن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي.جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه جو به چوڻ آهي ته خواجا آصف ماضي جا در کولي ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔