ايران سان ڪاروبار ڪرڻ سان آمريڪي پابندين جو خطرو آهي:ميٿيو مِلر،

واشنگٽن : آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر سڀني کي مشورو ڏئي ٿو ته ايران سان ڪاروبار ڪرڻ آمريڪي پابندين کي خطرو ڪري سگهي ٿو.پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبي بابت سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته سڀني کي صلاح آهي ته ايران سان ڪاروبار ڪرڻ کان اڳ ان ڳالهه تي غور ڪري.هڪ سوال جي جواب ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري واضح ڪيو ته اسان پائيپ لائين جي حمايت نٿا ڪريون.ميٿيو ملر پنهنجي پريس بريفنگ ۾ پاڪستان ۾ چيني قافلي تي حملي جي به مذمت ڪئي.هن چيو ته اسان کي جاني ۽ مالي نقصان تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، اسان حملي جي متاثرين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگردن هٿان پاڪستاني عوام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، پاڪستان ۾ چيني شهري دهشتگرد حملن جو نشانو بڻيا آهن.ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ملڪ کي دهشتگرد ڪاررواين جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔