ڪراچي: انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 13 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جي قيمت 13 پئسن جي گهٽتائي کانپوءِ 278 رپيا ٿي وئي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 13 پئسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 162 پوائنٽن جي واڌ سان 65 هزار 688 ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 65,525 پوائنٽس تي بند ٿيو.