موهن جو دڙو رات جو به سياحن لاءِ کولڻ ۽ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

لاڙڪاڻو/ نئون ديرو: صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت، نوادرات، آرڪائيوز سيد ذوالفقار علي شاهه لاڙڪاڻي پهچي ايم پي اي جميل احمد سومرو، سيڪريٽري ثقافت سنڌ خالد چاچڙ، ميئر لاڙڪاڻو انور علي لُهر، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجي سر شاهنواز ڀٽو لائبريري جو دورو ڪيو جتي هن لائبريري جي مختلف حصن جو جائزو ورتو

دوري دوران صوبائي وزيرلائبريري ۾ سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ توڙي ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ايم پي اي جميل احمد سومرو ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏجي قائم لائبريري ۾ قائم بوڪ اسٽور جو افتتاح به ڪيو. ان کان اڳ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ڳڙهي خدا بخش پهتو جتي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪري شهداءِ جمهوريت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان کان اڳ صوبائي وزير مزار تي موجود پرڏيهين سان پڻ ملاقات ڪئي

هوڏانهن صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه پهريون ڀيرو سرڪاري طور تي سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو. وزير سان گڏ سيڪريٽري ثقافت خالد احمد  ۽ ٻيا عملدار گڏ هئا.صوبائي وزير کي موهن جو دڙو جي عملدارن ماڳ جي مسئلن بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي  ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه چيو ته موهن جو دڙو جي اسٽوپا چوڌاري لائٽون هنيون وينديون ته جيئن رات جو به سياحن کي ماڳ جو منظر ڏيکاري سگهجي

هن چيو ته بند پيل موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي جهازن جو آپريشن شروع ڪرايو ويندو. هن چيو ته واپڊا سان ڳالهائي موهن جو دڙو کي ايئرپورٽ واري بجلي لائن مان ماڳ کي 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪرائي ويندي.هن چيو ته موهن جو دڙو جي چوڌاري خاردار تار هڻائي ويندي.هن چيو ته برسات جي تباهي بعد ماڳ جي ڪنزرويشن جو ڪم ڪري سائيٽ کي مڪمل محفوظ ڪيو ويندو. هن چيو ته موهن جو دڙو تي ريسورس سينٽر ۽ ماڊل رپليڪا وارين اسڪيمن جي مڪمل نه ٿيڻ جاچ ڪرائيندس

هن لاڙڪاڻي کان موهن جو دڙو گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته موهن جو دڙو روڊ ٺهرائڻ لاءِ صوبائي هاءِ ويز کاتي کي چوندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔