سلامتي ڪائونسل پاران غزه ۾ فوري طور جنگبندي جي قرارداد منظور

نيو يارڪ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ فوري طور جنگبندي جو قرارداد منظور ڪري ورتو.

غزه پٽي ۾ جنگبندي جي ٺهراءَ تي راءِ شماري لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٿيو، جنهن ۾ قرارداد کي منظور ڪيو ويو

فوري جنگبندي جو قرارداد سلامتي ڪائونسل جي 10 ميمبر ملڪن پيش ڪيو.

قرارداد پيش ڪندڙ ملڪن ۾ الجزائر، جاپان، ايڪواڊور، سوئٽزرلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، مالٽا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.

سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 14 ميمبرن قرارداد جي حمايت ڪئي، جڏهن ته آمريڪا غزه ۾ جنگبندي جي قرارداد تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔