پاڪ _ ايران گئس پائپ لائن منصوبي تي آمريڪي پابندين خلاف ڇوٽ گهرنداسين: مصدق ملڪ

اسلام آباد: حڪومت طرفان پاڪ _ايران گئس پائپ لائن منصوبي تي آمريڪي پابندين خلاف ڇوٽ جي درخواست جي تياري جو سلسلو جاري آهي.

ذريعن موجب نگران حڪومت آمريڪي پابندين خلاف درخواست داخل ڪرڻ جو پلان ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواست داخل ڪرڻ جو پلان جيوپوليٽيڪل صورتحال سبب ملتوي ڪيو ويو هو ۽ منسٽريل اوور سائيٽ ڪميٽي پاڪ _ ايران گئس پائپ لائن منصوبي بابت فيصلا ڪيا هئا.

ان حوالي سان ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي پيٽروليم بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته پاڪ _ ايران گئس پائپ لائن منصوبي تي آمريڪي پابندين خلاف ڇوٽ گهرنداسين ۽ پاڪستان جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪنداسين.

هن چيو ته آمريڪي پابندين خلاف سياسي ۽ ٽيڪنيڪي دليل ڏئي ڇوٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ان لاءِ ڀرپور لابنگ ڪنداسين، گئس پائپ لائن منصوبو جلد شروع ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔