برف پگهارڻ وارا آٽوميٽڪ سيمينٽ جا بلاڪ تيار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪا جي ڊريڪسل Drexel يونيورسٽي برف پگهارڻ لاءِ هڪ ڪامياب تجربو ڪيو آهي. سيمينٽ جي بلاڪن ۾ پيرافن نالي ڪيميڪل ملايو ويندو جنهن سان برف ڄمڻ واري ٽيمپريچر ٿيڻ کان اڳ بنا ڪنهن ٻاهرين مدد جي سيمينٽ جا بلاڪ گرم ٿيڻ شروع ٿيندا ۽ برف پگهرڻ شروع ٿيندي. Paraffin نالي پاڻياٺ وارو هي ڪيميڪل سيمينٽ جي بلاڪن ۾ وجهي گذريل ٽن سرديءَ جي موسمن ۾ تجربا ڪيا ويا ۽ هڪ انچ تائين برف پگهارڻ ۾ ڪامياب ٿيا. آمريڪا جي اترين رياستن جن ۾ ڦلاڊلفيا ۽ پينسلوانيا به اچن ٿيون، انهن ۾ سياري جي مند ۾ تمام گهڻي برف پوندي آهي جنهن سان هڪ پاسي زندگي متاٿر ٿيندي آهي ته بئي پاسي روڊ رستا ٽٽي ويندا آهن. هڪ پاسي ڪيترائي ارب دالر انهن جي ٻيهر تعمير تي خرچ ٿيندا آهن ته هر سال آمريڪا انهن رياستن ۾ 2 ارب دالر رڳو برف هٽايو آپريشن تي خرچ ڪندي آهي. هي تحقيق ’جرنل آف مٽيريلز ان سول انجنيئرنگ‘ ۾ رپورٽ ٿي آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وقت سنو فالنگ بعد جمع ٿيل برف مٿان لوڻ ڇڙڪي برف ختم ڪئي ويندي آهي، ان عمل سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿيندي آهي جيڪا ماحول کي به خراب ڪندي آهي. نئين ٽيڪنالاجي ماحول دوست آهي ۽ ان سان روڊ رستا به هر سال ختم نه ٿيندا ۽ پنهنجي عمر پوري ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔