نسيم شاهه دي هينڊريڊ جو مهانگي ترين رانديگر

لنڊن : پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه انگلينڊ جي ڪرڪيٽ دي هينڊريڊ پليئر ڊرافٽ ۾ سڀ کان مهانگو رانديگر بڻجي ويو آهي.برمنگهم فينڪس نسيم شاهه کي 125000 پائونڊ ۾ خريد ڪيو.نفيس شاهه 125 هزار پائونڊ جي مهانگي ڪيٽيگري ۾ ايندڙ پهريون پاڪستاني آهي ۽ پاڪستاني ڪرنسي ۾ سندس معاوضو ساڍا چار ڪروڙ رپيا هوندو.پاڪستان جي عماد وسيم ۽ شاهين شاهه آفريدي کي به دي هينڊرڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي.عماد وسيم کي ٽرينٽ راڪيٽس هڪ لک پائونڊ ۾ خريد ڪيو جڏهن ته ويلش فائر شاهين شاهه آفريدي کي لڳاتار ٻئي سيزن لاءِ سائن ڪيو آهي، فاسٽ بالر شاهين کي به هڪ لک پائونڊ ۾ سائن ڪيو ويو آهي. حارث رئوف کي ويلش فائر ۽ اساما مير کي مانچسٽر اوريجنل اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔