سون جي قيمت ۾ 4600 رپيا في تولو جو وڏو اضافو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به اضافو ٿيو آهي.اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 4600 رپين جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سون جو في تولو اگهه 4600 رپيا وڌي 2 لک 32 هزار 400 رپيا ٿي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جي 10 گرام جو اگهه 3943 رپين جي واڌ سان 1 لک 99 هزار 245 رپيا ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 47 ڊالرن جي واڌ کانپوءِ 2225 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔