پاناما ڪيس ريفرنس: حسن، حسين نواز جي بريت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد:اسلام آباد جي احتساب عدالت پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جي ٽن ريفرنسز(ايون فيلڊ، العزيزيه ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس) ۾ بريت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا قومي احتساب بيورو(نيب) جي رينفرنس ۾ حسن ۽ حسين نواز جي بريت واري درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي حسن ۽ حسين نواز طرفان قاضي مصباح الحسن ايڊووڪيٽ کان علاوه ان جو پليڊر رانا محمد عرفان به عدالت جي آڏو پيش ٿيو

احتساب عدالت پڇاڻو ڪيو ته بريت جي درخواست تي اوهان جي رپورٽ آئي هئي، جنهن تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب اظهر مقبول ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو رڪاوٽ ناهي. عدالت انهي ڪيس جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. عدالت ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب اظهر مقبول کان پڇاڻو ڪيو ته اسان اوهان جو بيان رڪارڊ ڪري ٿا وٺون.

ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب اظهر مقبول عالت کي ٻڌايو ته اوهان منهنجو بيان رڪارڊ ڪري وٺو. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪيس نيب ترميم بابت نه آهي. هن ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر جي حد تائين فيصلو به ڪري چڪي آهي.

نيب پراسيڪيوٽر اظهر مقبول پنهنجي موقف ۾ چيو ته مريم نواز جي بريت خلاف اسان اپيل داخل نه ڪئي هئي. وڌيڪ چيو ته حسن نواز، حسين نواز تي سازش ۽ مدد جو الزام آهي. حسن نواز ۽ حسين نواز جي ڪيس ۾ مک جوابدار بري ٿي چڪا آهن.

جنهن کان پوءِ احتساب عدالت حسن نواز، حسين نواز جي بريت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 2 وڳي ٻڌايو ويندو.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔