دهشتگرد هن وقت افغان سرزمين تي آهن:خواجا آصف

اسلام آباد:  دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته مون وزيرع دفاع جي طور تي ٻن کان ٽن اهڙين فائلن تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ افغان شهرين کي فوج مان ڪڍيو ويو جن مان هڪ ڪيپٽن هو ۽ هڪ ليفٽيننٽ هو.

پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته دهشتگرد هن وقت افغان زمين تي آهن. سواءِ انهن ٽن چئن هزارن جي جن کي پي ٽي آءِ باني آندو هو ان جي لاءِ قومي اسيمبلي کي بريفنگ به ڏني وئي هئي. 2022 جي ڳالهه آهي ان کان پوءِ وڌيڪ نه آيا آهن.

هن چيو ته افغانستان سان ڪي به نوان اصول طئي نٿا ڪرڻ آهيون، 30 کان 40 سالن جو جيڪو ماضي گذريو آهي ان مان هاڻ بريڪ ورتو وڃي.

خواجه آصف وڌيڪ چيو ته   ٽي ٽي پي کي آڻڻ، ملڪ جي معاشي تباهي ۽ نوازشريف کي فارغ ڪرڻ تي پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. جنرل(ر) باجوه، فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني پارليامينٽ کي جواب ڏين. خواجه آصف چيو ته اسان گهر ڪيترائي ڀيرا ويا آهيون گهر ۽ جيل جي رستي جي خبر آهي، ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ وارا اهي ڪير ٿيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔