پنجاب اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 18 مارچ تي پيش ڪيو ويندو

لاهور: پنجاب اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 18 مارچ تي پيش ڪيو ويندو.پنجاب جي ناڻي واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان تصديق ڪئي آهي ته پنجاب جي بجيٽ 18 مارچ تي پيش ڪئي ويندي.پنجاب حڪومت اڄ ايوان ۾ 6 آرڊيننس پيش ڪندي، جنهن ۾ پنجاب سول سرونٽ ترميمي آرڊيننس، پوليس آرڊر ترميمي آرڊيننس 2023 ۽ پنجاب ايگريڪلچر مارڪيٽنگ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي آرڊيننس 2023 به پيش ڪيو ويندو.ان کان علاوه پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن ترميمي آرڊيننس 2023 اڄ جي اجلاس جي ايجنڊا تي رکيو ويو آهي.پنجاب پرائس ڪنٽرول ڪموڊٽيز آرڊيننس به ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو جڏهن ته پنجاب اسيمبلي رولز 1997ع جي توسيع آرڊيننس به اڄ اجلاس جي ايجنڊا تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔