رمضان المبارڪ دوران مارڪيٽون رات دير تائين کولڻ جي اجازت

لاهور :لاهور هاءِ ڪورٽ رمضان المبارڪ دوران مارڪيٽون رات دير تائين کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي خاتمي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت ريسٽورنٽ مالڪ جي جڊيشل ڪميشن جي عملي سان بدتميزي واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ ان سان گڏ ريسٽورنٽ کي پارڪنگ لاءِ به طلب ڪري ورتو..جسٽس شاهد ڪريم چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ريسٽورنٽ جي مالڪ کي عدالت ۾ طلب ڪندس، بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، سڀني کي ان ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي.جڊيشل ڪميشن جي ميمبر عدالت کي ٻڌايو ته صبح سوير مئل مرغن جا ٽرڪ ٽولنٽن مارڪيٽ ۾ اچن ٿا، شوارما ۾ مئل مرغي جو گوشت 30 رپين ۾ ملندو آهي، صحت کاتي ۽ فوڊ اٿارٽي ڇاپا هنيا آهن. قصور ۾ ٽينرن جو پاڻي پکڙجي رهيو آهي، ڪي به قدم نه کنيا پيا وڃن.ان موقعي تي وڪيل ٽينرز ايسوسيئيشن چيو ته ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.بعد ۾ عدالت رمضان المبارڪ دوران بازار رات 12 وڳي ۽ ڇنڇر ۽ آچر تي صبح 1 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔