غزه ۾ اسرائيلي بربريت خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ غزه ۾ اسرائيلي بربريت خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ايوان فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري ٿو ۽ حڪومت عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته غزه ۾ جنگ بندي ڪئي وڃي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسلام فوبيا خلاف جنگ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي غزه ۾ صهيوني فوج ۽ اسرائيلي بربريت جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ مسلمانن جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.ان کان اڳ جڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته اسپيڪر سردار اياز صادق مخصوص سيٽن تي چونڊيل 6 ميمبرن کان حلف ورتو.بعد ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔