اتر وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، 2 فوجي آفيسر ۽ 5 اهلڪار شهيد

راولپنڊي:  اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ڪيپٽن سميت 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد به مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب 16 مارچ جي صبح 6 دهشتگردن جي هڪ گروپ اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ چوڪي تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي پهرين حملي جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي، جنهن کان پوءِ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، ان کان علاوه ڪيترائي خودڪش بم حملا پڻ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عمارت جو هڪ حصو ڊهي پت پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ حوالدار صابر، نائيڪ خورشيد، سپاهي ناصر، سپاهي راجا ۽ سپاهي سجاد شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب ڪليئرنس آپريشن جي دوران ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف جي قيادت ۾ سيڪيورٽي فورسز بهتر طريقي سان جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران سمورا 6 ئي دهشتگرد مارجي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سامهون کان پنهنجن دستن جي قيادت ڪندي ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي ۽ ڪيپٽن محمد احمد بدر بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ  جي لاءِ سيني ٽائزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

صدر آصف زرداري دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو. هن شهيد جي وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

وزيراعظم محمد شهباز شريف واقعي کي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جوانن دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. مون سميت پوري قوم کي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ جوانن تي فخر آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق واقعي جي مذمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قوم پنهنجي جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي. ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيدن جي گهر ڀاتين جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان.   دهشتگرد دشمنن جي ناپاڪ ارادن تي عمل ڪري رهيا آهن جنهن ۾ هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔