اکيون رڪارڊ تي نه پر ٽيم جي ڪارڪردگي تي آهن، اسامه مير

ڪراچي: سلطانز جي اساما مير جو چوڻ آهي ته منهنجي نظر رڪارڊ تي نه پر ٽيم لاءِ پرفارمنس تي آهي.ڪراچي ۾ کيڏيل ايڇ بي ايل پي ايس ايل سيزن 9 جي ڪواليفائرز کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سلطانز جي اساما مير چيو ته ڪراچي ۾ هميشه اسپنرز کي سپورٽ ملندي آهي.اساما مير چيو ته گذريل ايڊيشن ۾ به منهنجي ڪارڪردگي سٺي هئي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن کيڏيل پي ايس ايل 9 جي ڪواليفائر ميچ ۾ ملتان سلطانز پشاور زلمي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو. ملتان سلطانز طرفان اساما مير ۽ ڪرس جورڊن 2-2 جڏهن ته ڊيوڊ ويل، محمد علي ۽ عباس آفريدي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔