حب چوڪي ويجهو گڊاڻي موڙ وٽ حادثي ۾ 3 ڄڻا اجل جو شڪار

حب: حب چوڪي ويجهو گڊاڻي موڙ وٽ حادثي ۾ 3ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر بعد ٻنهي گاڏين کي باهه وڪوڙي ورتو.

ريسڪيو عملي موجب باهه سبب 2ڪار سوارن سميت 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

ڪار ۾ ايراني پئٽرول لوڊ ٿيل هو،  حادثي بعد گاڏين کي باهه وڪوڙي ورتو.

ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۾ سراج احمد موسياڻي ۽ سندس سئوٽ خان محمد موسياڻي به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔