دنيا جو پهريون اي آءِ سافٽ ويئر انجينيئر تيار

آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪندي پئي وڃي ۽ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مستقبل ۾ ڪيتريون ئي ملازمتون ان جي ڪري ختم ٿي وينديون.
ائين ڪڏهن ٿئي ٿو اهو چوڻ ته ممڪن نه آهي پر دنيا جو پهريون اي آءِ سافٽ ويئر انجينيئر تيار ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ڪمپني Cognition ڊيوين اي آءِ نالي پروگرام تيار ڪيو آهي.
اهو پروگرام ڪنهن سافٽ ويئر انجينيئر جيان ڪم ڪندي ڪمپيوٽر ڪوڊ لکڻ سوڌو ان بابت ٻيا سمورا ڪم ڪري ٿو.
ڪمپني موجب ڊيوين اي آءِ اوهان جي عام هدايتن کي ڪنهن فعال ويب سائيٽ يا سافٽ ويئر ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هيل تائين ان اي آءِ پروگرام مختلف اي آءِ ڪمپنين جي انجينيئرنگ انٽرويوز ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي جڏهن ته فري لانسر طور تي نوڪريون به ڪيون آهن.
ڪمپني ٻڌايو ته ان پروگرام کي 2294 سافٽ ويئر انجينيئرنگ مسئلن جي ڊيٽا سان تربيت ڏني وئي آهي.
اهو پروگرام نه رڳو ڪمپيوٽر مڪمل ڪرڻ يا تجويز ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر اهو سافٽ ويئر ايپ جي تياري ۽ جاري ڪرڻ جو عمل به مڪمل ڪري سگھي ٿو.
اِها اُها صلاحيت آهي جيڪا چيٽ جي پي ٽي يا گوگل جيمنائي جهڙن اي آءِ پروگرامز ۾ به موجود نه آهن.
ڪمپني ٻڌايو ته ڊيوين اي آءِ پاڻمرادو ڪوڊ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري ٿو ۽ واهپيدارن جي ڪمانڊ کي نظر ۾ رکندي سافٽ ويئر پروگرام جي تياري سوڌو ٻيا ڪم ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔