سحري جي وقت روزيدار هنن 4 ڳالهين جو خيال ضرور رکن

سڄي دنيا ۾ رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿي چڪو آهي پر روزي لاءِ روزيدارن جي صحت به خاص اهميت رکي ٿي.

اڄ اسان ڳالهه ڪنداسين سحري لاءِ انهن 4 نقطن تي جن جي ذريعي روزيدار سڄو ڏينهن پاڻ کي تندرست، تازو ۽ هائڊريٽ رکي سگھي ٿو.

سحريءَ جي وقت ڪيترو پاڻي پيئڻ گھرجي؟

سحري دوران مناسب پاڻي جو استعمال سڄو ڏينهن روزيدار جي جسم کي تازو رکڻ لاءِ گھڻو ضروري آهي، مختلف مطالعن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ 2 ليٽر پاڻي گرمين جي روزن دوران جسم کي هائڊريٽ رکڻ ۾ مددگار هوندو آهي.

پر روزيدار کي گھرجي ته 2 ليٽر پاڻي هوريا هوريان وقفي سان پيئي، ان کانسواءِ سحري دوران پاڻي سان ڀرپور غذائون جهڙوڪ کيرا، ٽماٽن جي سلاد ۽ رس وارا ميوا جهڙوڪ ڇانهي، نارنگي، ڪيوي به روزيدار جي جسم کي سڄو ڏينهن هائڊريٽ رکڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.

سحريءَ دوران ڪهڙيون غذائون کائڻ گھرجن؟

سحري جو کاڌو هلڪو پر غذائيت سان ڀرپور هجڻ گھرجي، جيڪڏهن اوهان اهو سوچي سحري ۾ گھڻو کاڌو کائيندا آهيو ته سڄو ڏينهن اوهان جو پيٽ ڀريل رهندو ته اوهان غلط آهيو.

ماهرن موجب روزيدار اهڙين غذائن جو استعمال ڪن جن ۾ فائبر جو مقدار وڌيڪ هجي ته جيئن اهي غذائون اوهان کي سڄو ڏينهن توانائي بخشين، مثال طور سحري جو وقت ختم ٿيڻ تي ڏهيءَ جو هڪ چمچو مهدي کي ٿڌو رکڻ ۽ تيزابيت روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

سحري کان اڳ سمهڻ عادت بڻايو

مناسب ننڊ صحتمند رهڻ لاءِ اهم رخن مان هڪ آهي، جيڪڏهن اوهان به سحري تائين جاڳندا آهيو ته پنهنجي ان عادت کي ڇڏي ڏيو ۽ رمضان جي دوران فجر جي نماز کان 40 کان 50 منٽ اڳ اٿڻ عادت بڻايو ته جيئن اوهان نه رڳو سحري تيار ڪري سگھو پر سحري کائڻ کان پوءِ غذائن کي هضم ٿيڻ لاءِ به وقت ڏئي سگھو.

ماهرن جو مڃڻ آهي ته انساني جسم کي صبح جي وقت کاڌل پهريون کاڌو هضم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي، ٻي پاسي جيڪڏهن اوهان سحري جي آخري 5 کان 10 منٽن دوران غذائون کائيندا آهيو ته اهي هضم نه ٿي سگھنديون آهن تنهنڪري ان عادت کان پرهيز ڪريو.

مصالحيدار غذائن کان پري رهو

سحري جي کاڌن ۾ مصالحو، لوڻ ۽ کنڊ گھٽ کان گھٽ رکڻ سان اُڃَ گھٽ لڳندي آهي، غذائن ۾ موجود سوڊيم پوري جسم ۾ پاڻي جي توازن ۾ مددگار آهي پر جڏهن اوهان لوڻ وارا کاڌا استعمال ڪندا آهيو ته جسم جي جيو گھرڙن مان پاڻي خارج ٿيندو آهي جنهن سان اُڃ لڳندي آهي.

ماهر سحري جي وقت صوف ۽ ڪيلا کائڻ جو مشورو ڏيندا آهن ڇو جو ٻنهي ميون ۾ ڪيلوريز گھٽ ۽ ضروري غذائي جُز مثال طور فائبر، وٽامن سي ۽ مختلف اينٽي آڪسيڊنٽس جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي جيڪو انسانن کي ڦڙٽ رکندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔