شين واٽسن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان قومي ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچن جي ڳولا هنگامي بنيادن تي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پي بي سي قومي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جي معاملي تي ڪجهه ڪوچن تي نظرون ڄمائي ورتيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو آسٽريلوي آل رائونڊر ۽ پي ايس ايل 9 ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو ڪوچ شين واٽسن به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب شين واٽسن ئي پاڪستان ٽيم جي ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي، هو نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ ذميواريون سنڀالي سگهي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جي اعليٰ عهديدارن جي شين واٽسن سان ڪوچنگ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي.

ذريعن موجب ڪوچنگ لاءِ ڊيرن سيمي به ڊوڙ ۾ شامل آهي پر شين واٽسن کي ڪوچنگ لاءِ وڌيڪ فيوريٽ قرار ڏنو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوچن جي حوالي سان جلد فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔