خيبر پختونخواهه جي 15 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

پشاور: خيبر پختونخواهه جي 15 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو.

گورنر هائوس ڪي پي ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻيون اعليٰ اختياريون شريڪ ٿيون.

خيبر پختونخواهه جي گورنر غلام علي ڪابينا کان حلف ورتو.

حلف کڻندڙن ۾ ارشد ايوب، شڪيل احمد، فضل حڪيم خان، محمد عدنان، عاقب الله، محمد سجاد، مينا خان، فضل شڪور، نذير احمد عباسي، پختون يار، آفتاب عالم، خليق الرحمان، سيد قاسم علي شاهه، فيصل خان ترڪئي ۽ محمد ظاهر شاهه شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔