پاڪ فوج جو جديد ٽرين ٽينڪ ”حيدر“ منظر تي اچي ويو

راولپنڊي:آرمي چيف جنرل عاصم منير هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جو دورو ڪيو ۽ حيدر ٽينڪ جي رول آئوٽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ چيني سفير، چيني ڪمپني نورينڪو جي اهم اختيارين ۽ پاڪ فوج جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته حيدر ٽينڪ وارفيئر جي ميدان ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي ۽ متاثر ڪندڙ صلاحيت رکندڙ آهي.

ان ۾ ذڪر جوڳي فائر پاور، تحفظ جون خاصيتون آهن، حيدر ٽينڪ پاڪستان جي دفاعي صنعت جي بهترين ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي.

آرمي چيف هيوي انڊسٽريل ڪامپليڪس اندر ٻين مينوفيڪچرنگ سهولتن جو به جائزو ورتو ۽ اهم ڪاميابي تي آفيسرن ۽ افرادي قوت جي عزم کي ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔