ٺٽو: ڪيٽي بندر ڀرسان حجامڙو ڪريڪ وٽ مهاڻن جي ٻيڙي اونڌي، 32 کي بچايو ويو، 8 جي ڳولا جاري

ٺٽو: حجامڙو ڪريڪ وٽ مهاڻن جي ٻيڙي کليل سمنڊ ۾ ٻڏي وئي، ٻڏي ويل ٻيڙي ۾ 50 ماڻهن جي سوار هجڻ جا اطلاع سامهون اچي ويا آهن، مقامي ماهيگيرن پنهنجي مدد پاڻ تحت 32 مهاڻن کي بچائي ورتو، جڏهن ته 8 جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي. ٻيڙي ۾ سوار مهاڻن جو تعلق ابراهيم حيدري سان ٻڌايو پيو وڃي.

علائقي واسين موجب الاسد نالي هوڙو مڇي جي شڪار دوران تيز هوائن سبب اونڌو ٿي پيو، جنهن کان پوءِ ڀرسان گذرندڙ ٻئي هوڙي جي ملاحن ٻڏندڙ 32 مهاڻن کي بچائي ورتو جڏهن ته 8 مهاڻن جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته حجامڙو ڪريڪ ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچ وارو علائقو آهي ٻيڙيءَ جي لينڊنگ واري جاءِ ڪراچي کان پنج ڪلاڪ پري آهي، سامان سان ڀريل ٻيڙي  کي تيز هوائن سبب حادثو پيش آيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔