گوادر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات کان پوءِ وبائي بيماريون پکڙجڻ لڳيون

پشاور: گوادر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات کان پوءِ وبائي بيماريون پکڙجڻ لڳيون، گوادر، ۽ سربندن جي اسپتالن ۾ ڊائريا ۽ نمونيا جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.

گوادر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برساتن کان پوءِ هڪ طرف متاثر علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب شهر ۾ ڊائريا ۽ نمونيا سميت مختلف وبائي بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن.

صحت کاتي جي اختيارين چيو آهي ته برساتن کان پوءِ سيوريج جي اڻپوري نظام سبب برساتي ۽ نالن جي پاڻي اڪثر هنڌن تي واٽر سپلاءِ جي لائنن کي متاثر ڪيو آهي جڏهن ته آلوده پاڻي جي استعمال سبب مريضن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.

گوادر ۾ اڳ ئي صحت جي سهوليتن جي کوٽ آهي، ٻوڏ صورتحال کان پوءِ پاڪ آرمي ۽ پاڪ بحريه سان گڏوگڏ جي ڊي اي انڊس اسپتال انتظاميه 7 مختلف ٽيمون جوڙي متاثرين کي سهوليت ڏيڻ لاءِ گوادر سربندن جي مختلف علائقن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.

طبي ماهرن ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت جي طرفان صحت جي حوالي سان بهتر قدم نه کنيا ويا ته برساتن سبب وڌيڪ متاثر ضلعي گوادر ۾ وڏي پيماني تي وبائي مرض پکڙجڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔