هاڻي واٽس ايپ تان ٻين ايپس تي پيغام موڪلي سگھبا

واشنگٽن: گذريل ڪجهه مهينن ۾ واٽس ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا آهن، واٽس ايپ جي ويب ورجن لاءِ چيٽ لاڪ تي ڪم ڪرڻو هجي يا واهپيدارن کي ٻين جي پروفائيل فوٽوز جي اسڪرين شاٽس ڪڍڻ کان روڪڻو هجي، واٽس ايپ واهپيدارن جي تجربي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. ۽ هاڻي واٽس ايپ جلد واهپيدارن کي ٻين پليٽ فارمز تي پيغام موڪلڻ جو آپشن به ڏيڻ پيو وڃي. مثال جي طور تي اوهان واٽس ايپ استعمال ڪندي ٽيليگرام ۽ سگنل جهڙين ايپس تي پيغام موڪلي سگھو ٿا. پر ڪهڙي ايپ ان فيچر کي سپورٽ ڪندي ان بابت اڃا نه ٻڌايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔