مشهور ڳائڻو امجد پرويز لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور : پاڪستان جو مشهور ڳائڻو امجد پرويز لاڏاڻو ڪري ويو.وارثن موجب ڊاڪٽر امجد پرويز گردي جو مريض هو ۽ هڪ مهيني کان بيمار هو، سندس عمر 79 ورهين جي هئي.وارثن جو چوڻ آهي ته امجد پرويز جي جنازي نماز 4 مارچ سومر ڏينهن ظهر جي نماز بعد مين بليوارڊ مسجد شادمان لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف گلوڪار امجد پرويز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.مريم نواز چيو ته امجد پرويز جون فن ۽ موسيقي ۾ خدمتون ياد رکيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔