پاڪستان کي معاشي صورتحال جي بهتري لاءِ ڌيان ڏيڻو پوندو: آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت کي فوري طور تي معاشي صورتحال جي بهتري لاءِ ڌيان ڏيڻو پوندو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي معيشت لاءِ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪا ان جي استحڪام لاءِ اهم آهي ۽ پاڪستان جي نئين حڪومت کي فوري طور تي معاشي صورتحال کي ترجيح ڏيڻي پوندي.

هن  قرضن ۽ عالمي فنانسنگ جي شيطاني چڪر کان آزادي جي لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل ڪوششن جي تعريف پڻ ڪئي. ميٿيو ملر چيو ته پاڪستاني حڪومت کي فوري طور تي معاشي صورتحال تي ڌيان ڏيڻو پوندو. پاڪستان عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن سان ميڪرو اڪنامڪ ريفارمز جي لاءِ ڪم جاري رکي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته  ايندڙ ڪيترن ئي مهينن جون پاليسيون پاڪستان جي معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ انتهائي اهم هونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔