”ڪرڪيٽ کان پري رهو“ ثانيا مرزا جي وڊيو وائرل

ڪراچي :اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي ڀارتي آر جي ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر پرڪشيت بلوچي سان هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.
پاڪستاني نوجوان راڳي عاشرو وجاهت جو گيت ” جانم پيار تم سي هي“ پاڪستان سميت ڀارت ۾ به ڏاڍو مقبول ٿي رهيو آهي جنهن تي ريلز ٺاهيا پيا وڃن، اِهو گيت ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.
هاڻ ثانيا مرزا به ان گيت تي دبئي ۾ رهندڙ ڀارتي آر جي، ٽريول بلاگر پرڪشيت بلوچي سان گڏ نئين ريل( مختصر وڊيو ) شيئر ڪئي آهي.

پرڪشيت بلوچي طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ هن لکيو ته ”جيڪڏهن ثانيا مرزا سندس وڊيو تي تبصرو ڪندي ته هو ڪڏهن به ڪرڪيٽ نه ڏسندو “ .
وڊيو تي ثانيا مرزا تبصري بدران پاڻ حاضري ڏئي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.
پرڪشيت ڄاڻايل وڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڏسڻ جي اجازت طلب ڪئي جنهن تي ثانيا مرزا کيس اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪيپشن ۾ بلاگر التجا واري انداز ۾ لکيو ته ” ڇا مان ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جا مقابلا ڏسي سگهان ٿو؟“ .
ان تي تبصرو ڪندي ثانيا مرزا لکيو ته ” بلڪل به نه“ ان سان گڏوگڏ هن شيطاني چهري وارو ايموجي به ٺاهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔