ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ سوين رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولي سون جو اگهه 900 رپيا واڌ بعد 2 لک 15 هزار 700 رپيا آهي.

اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 772 رپيا اضافي سان هڪ لک 84 هزار 928 رپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 9 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 37 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔