قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، پي ٽي آءِ جو سخت احتجاج

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ صبح 10 وڳي شروع ٿيڻو هو پر اجلاس مقرر وقت کان سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. تلاوت، نعت ۽ قومي تراني بعد پي ٽي آءِ وارن نعريبازي شروع ڪئي ۽ ايوان ۾ هنگامو برپا ڪيو. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر مسلم ليگ ن شهباز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، خورشيد شاهه، سردار اياز صادق ۽ ٻيا نون چونڊيل ميمبر ايوان ۾ موجود هئا. پيپلز پارٽي جو ميمبر يوسف ٽالپر ويل چيئر تي پارليامينٽ هائوس پهتو. يوسف رضا گيلاني جنهن لاءِ چيو پيو ويو ته هو سينيٽ جو چيئرمين ٿيندو، ان سينيٽ مان استعيفيٰ ڏئي قومي اسمبلي جي ميمبر طور حلف کنيو. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جڏهن رول آف ميمبر تي صحيح ڪرڻ آيا ته آصفه ڀٽو گيلري ۾ اٿي بيهي جيئي ڀٽو جا نعرا هڻايا. گيلري ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز اسهاق ڊار ۽ مريم اورنگزيب سان گڏ موجود هئي. ايوان ۾ عمر ايوب ۽ علي محمد خان پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ چاهيو ته اسپيڪر کين اهو چئي اجاز نه ڏني ته اوهان اڃا ميمبر ناهيو بڻيا، اڳ ۾ حلف کڻو، رول آف ميمبر تي صحيح ڪريو ان بعد ايوان ۾ ڳالهائي سگهو ٿا. اڄوڪي اجلاس ۾ سڀني کان وڌيڪ اٿ ويهه راجا پرويز اشرف کي ڪرڻي پئي، هو هر ميمبر سان اٿي ڀاڪر پائيندو رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔