موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کانپوءِ صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي: موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کانپوءِ صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، موسميات کاتي پاران سنڌ ۾  برسات جي اڳڪٿي کانپوءِ  صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  بلدياتي ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن  کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي

وڏي وزير جو چوڻ آهي ته عوام غيرضروري طور گهرن کان ٻاهر نه ڪري، ڪراچي ۾ سڀاڻي 2 وڳي برسات جو امڪان آهي

ڪراچي جي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ هاف ڊيوٽي ڪرڻ جو فيصلو، ڪراچي ۾ 3 کان 4  برسات جا اسپيل ٿيڻ جو امڪان آهي

اتر جي علائقن ۾ اڄ رات کان 2مارچ تائين برساتن جو امڪان، خضدار ۽ جهل مگسي جي جابلو پٽي کان سنڌ ۾ پاڻي داخل ٿيندو

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنر لاڙڪاڻي کي قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي، برسات جي سلسلي ۾ قدمن جو جائزو وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔